عمران پروجيڪٽ دفن، ايندڙ واري بلاول ڀٽو زرداري ، عمل شروع

اسلام آباد ( عوامي آواز  نيوز ) ملڪ جي طاقتور حلقن آڪٽوبر ۾ چونڊن ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ، جڏهن ته ايندڙ مهيني پيٽرول في ليٽر 350 رپيا ۽ بجلي في يونٽ 34 رپيا ٿي ويندي،نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته  اسلام آباد جي انتهائي باخبر حلقن ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته موجوده حڪومت کان سخت فيصلاڪرايا ويا ، جولاءِ ۾  آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام تي صحيحون ٿي وينديون، جنهن کان فوري طور پوءِ معاشي ماهرن تي ٻڌل نگران حڪومت جوڙي ويندي جيڪا معاشي حالتن کي بهتر ڪندي ۽ چونڊن ڪرائڻ جي تياري ڪندي، اهو به بحث هلي رهيو آهي  ته ( ن) ليگ حڪومت کان جيڪي سخت فيصلاڪرايا ويا آهن ان جي نتيجي ۾ چونڊن ۾ ( ن) ليگ کي ڪافي نقصان ٿيندو، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي به چونڊ مهم کان پري رکڻ جو طئه ڪيو ويو آهي، معنيٰ ته  اسٽيبلشمينٽ ( ن) ليگ کي اقتدار ۾ ڏسڻ نٿي چاهي، سا ڳي طرح عمران خان کي به ٻيهر  اقتدار ۾ آڻڻ جو  اسٽيبلشمينٽ جو  ڪوبه  ارادو نه آهي ، ان ڪري نظر اهو ٿو اچي ٽه  پ پ کي وارو ڏنو ويندو۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صلاحيتن مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڇوته اهو ته عمران خان پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي ته جن مونکي هٽايو آهي اهي ٻيهر مونکي اقتدار ۾ ڏسڻ نٿا چاهين ، شيخ رشيد به چئي چڪو آهي ته چونڊن کانپوءِ مخالف ڌر ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيون  ان ڪري باخبر سياسي حلقن ۾ اها ڳالهه اعتماد سان ڪئي پئي وڃي ته  ايندڙ ” واري بلاول ڀٽو زرداري جي آهي“ڇو ته نواز شريف ۽ مريم نواز تي  اسٽيبلشمينٽ  اڃان به  اعتماد ڪرڻ لاءِ يا معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ  جيڪي پرڏيهي دورا ڪيا آهن خاص طور آمريڪا ۽ چين ياترا مان اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا وفد ۾ شامل هئا ، انهن جي واپسي تي پنهنجي ادارن کي جيڪي بريفنگ ڏنيون آهن انهن ۾ به بلاول ڀٽو جي صلاحيتن ، روين ۽ اٿڻ ويهڻ ملڻ جلڻ جي انداز جي واکاڻ ڪئي وئي آهي ، شايد ! ان کانپوءِ ئي  اسٽيبلشمينٽ کي اعتماد ٿيو آهي ٽه بلاول ڀٽو زرداري کي مضبوط سياسي پس منظر آهي، پڙهيل لکيل به آهي ، سندس سياسي تربيت به شهيد بينظير ڀٽو ڪئي آهي ، ان کانپوءِ  پاڪستاني سياست جو مداري  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پڻ بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي تربيت ۽ رهنمائي ڪري رهيو آهي ، ان ڪري بلاول ڀٽو مستقبل جو بهتر سياستدان ۽ نواز شريف توڙي آصف زرداري جو بهترين متبادل ٿي سگهي ٿو ، ان ڪري جڏهن عمران خان پروجيڪٽ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ دفن ڪيو آهي ته هاڻي بلاول ڀٽو زرداري پروجيڪٽ تي عمل شروع ڪيو وڃي، انڪري سمجهيو پيو وڃي ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ کي حڪومت جوڙڻ جيتري سگهه ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.