ڪراچي ۾ الڳ الڳ حادثن ۽ واقعن ۾3 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ حادثن ۽ واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. اورنگي ٽائون نمبر 10 جي علائقي قائم خاني چوڪ ڀرسان 22 سالن جي بلال پٽ نثار مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.هوڏانهن نبي بخش ٿاڻي جي حد گارڊن زو گيٽ نمبر 2 شيل پمپ ڀرسان زير تعمير دڪان جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ھڪ پورھيت 40 سالن جو لياقت قاضي پٽ الله  بخش ملبي ھيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو  جڏھن ته 3 پورھيت شاھ مير پٽ محمد رمضان،خان محمد پٽ اجمل ۽ جوارا پٽ پرتاب زخمي ٿي پيا.هوڏانهن ايف بي ايريا ڀرسان واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نامعلوم نوجوان فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.