چمبڙ ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان قتل، جوابدارن لاش لوڙهي ڇڏيو

ٽنڊوالھيار ( ڊر )چمبڙ روڊ تي بٺو اسٽاپ لڳ ڳوٺ ابراھيم نندو جو رھواسي محمد شريف نندو موبائل فون تي هڪ عورت جي ڪال اچڻ  کان پوءِ ڀاڻج سان گڏجي چمبڙ شھر آيو، نصير واھ لڳ موٽر سائيڪل ۽ ڀاڻج کي باءِ پاس تي ڇڏي پاڻ پراسرار طرح گم ٿي ويو. وارثن نوجوان جي بازيابي لاءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھنيو ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي شريف نندو جي ڀاءُ چيو ته محمد شريف پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جتان کيس نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون مليل ھيون. اسان پوليس کي ڪجهھ نالا ڏنا آھن پر اڃا ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي. هوڏانهن ايس ايس پي فاروق بجاراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته شريف نندو جي بازيابي لاءِ ھڪ شخص سڪندر چانڊيو ۽ ھڪ عورت کي حراست ۾ ورتو ويو آھي ۽ ٻه ٻيا مشڪوڪ  جوابدار اڃا گھربل آھن. ايس ايس پي مطابق حراست ۾ ورتل سڪندر چانڊيو  انڪشاف ڪيو آھي ته هنن شريف کي ماري لاش نصير  واھ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، جنھن جي ڳولا ڪري رھيا آھيون. ٻڌايو وڃي ٿو جنھن عورت سان شريف پسند جو پرڻو ڪيو حراست ۾ ورتل سڪندر ان عورت جو مامو آھي ۽ سڪندر جي گھر واري مڙس سان گڏجي  سازش ذريعي محمد شريف کي ملاقات لاءِ گھرايو ھو، سڪندر ۽ ٻين گڏجي شريف کي مبينا طور قتل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.