اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ سبطين خان کي مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبر سبطين خان کي پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي باضابطا طور تي آگاهه به ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي ڪجهه دير ۾ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪندو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت پنجاب اسيمبلي ۾ ميان محمود الرشيد کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي پارليماني ليڊر سبطين خان واضح ڪيو هو ته اڃا تائين اپوزيشن ليڊر جي لاءِ نالو فائنل ناهي ٿيو ۽ اپوزيشن ليڊر جو فيصلو عمران خان ڪندو. 03