ماٿيلي ٿاڻي تي عدالتي حڪم تي ڇاپو، باندي بڻايل 12 ڄڻا آزاد

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو جي سيڪنڊ سول جج محمد اشرف ڏهراج جو فريادي عبدالغني سولنگي جي درخواست تي ميرپور ماٿيلو  ٿاڻي تي ڇاپو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي باندي بڻيل سليم سندراڻي، ڪامران بوزدار، شاھ رخ بوزدار، عامر ملهڻ، فياض بوزدار، محمد حنيف، محمد سليم، شوڪت سميت 12 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، ھوڏانھن سول جج جي ڇاپي وقت پوليس عملي جون ڊوڙون لڳي ويون، جڏهن ته عدالت سڳوري پاران ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو کي سڀاڻي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ياد رهي ته درخواستگذار عبدالغني سولنگي پنهنجي پُٽ خليل سولنگي جي بازيابي لاءِ درخواست ڪئي پر مٿس ڊيوٽي اٽڪا جو ڪيس داخل ٿيل هو ڪنهن کي ناحق باندي نه بڻايو هو مختلف ڪيسن ۾ شڪ جي بنياد تي گرفتاريون ڪيون ويون جن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.