حيدر آباد جي مختلف علائقن ۾ لکين رپيا ڦر

حيدرآباد (رپورٽر)حيدرآباد ۾ ڦر جي مختلف واقعن ۾ لکين روپيا ڦر جا واقعا.  حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد نمبر 6 مان نويد قمر کان ھٿياربند 25 ھزار ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، قاسم آباد  جي علائقي شيدي ڳوٺ وٽ واقع ھڪ جنرل اسٽور تان مالڪ گيانچند کان ھٿياربند 20 ھزار ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا.لطيف آباد نمبر 8 ۾ واقع ھڪ ڪريانه اسٽور تان مالڪ اڪرام ملڪ کان ھٿياربند ھڪ لک 60 ھزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ، سول ڪورٽ بلڊنگ ٻاھران طالب حسين جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.