جيڪب آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان، گهر تي ڪاهه، فائرنگ، نوجوان زخمي

جيڪب آباد (ڊر ) سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند ۽ لٺ بردار لاشاري برادري جي سومرن جي گهرن تي چڙهائي فائرنگ لٺيون هڻي پي پٽ کي مرڻينگ ڪري در تي لٺيون هڻي هوائي فائرنگ ڪندا فرار علائقي ۾ خوف حراس حملي آورن جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا . جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد غريب آباد محلي ۾ ڳوٺ احمد ميان سومرو جي رهواسين لاشاري برادري جي ماڻهن سڱاوتي تڪرار تان موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي محمد حيات سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪري رستي سان گهر ايندڙ نوجوان رحمان سومرو تي لٺن جو وسارو لاهي ڏنو گهر مان رڙين تي والدمحمد حيات سومرو نڪتو ته هن مٿان به وحشياڻو حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پي پٽ بيهوش ٿي ڪري پيا جڏهن حملي آور لاشاري برادري جي ماڻهن هوائي فائرنگ ڪري گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هن ٻڌايو ته اسان جي سئوٽ ارشاد لاشاري جي ڀاءُ کي ڏنل آهي جيڪا پيٽ ڀري سان جمس اسپتال ۾ نڌڻڪن جيان ڇڏي ويا اسان وڃي پنهنجي نياڻي کي گهر وٺي آيا سون ته لاشاري عدالت ۾ اغوا جي ڪوڙي پٽيشن داخل ڪئي اڄ اسان عدالت ۾ نياڻي سميٿ پيش ٿي پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪيو ته هي عدالت مان فرار ٿي ڪجهه ڪلاڪن بعد حملو ڪري ڏنو اسان حملي جا سي سي فوٽيج ورتا آهن جن ۾ جوابدار صاف نظر اچن ٿا اڄ اڱاري تي ايس ايس پي سان ملي حقيقت ٻڌائي ڪيس داخل ڪرائينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.