پي ايس ايف ملير جي نئين چونڊي عهديدارن جو اعلان

ملير (ڊ.ر) پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن ملير جي نئين چونڊيل عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ صدر شان جوکيو، سينئر نائب صدر حسين خٽڪ، جنرل سيڪريٽري حيدر جمالي، انفارميشن سيڪريٽري سراج احمد رند ۽ ٻين کي مقرر ڪيو ويو، ان موقعي تي پي ايس ايف ملير جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مقرري تي ڪارڪنن پاران خوشي جو اظهار ڪندي جيئي ڀٽو، جيئي بلاول ڀٽو زرداري ۽ جيئي آصف علي زرداري جا نعرا هنيا، ان موقعي تي سوين ڪارڪنن نئين چونديل عهديدارن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا ويا ۽ ڪارڪنن پارٽي جي نغمن تي رقص پڻ ڪيو ويو، پي ايس ايف ملير جي عهديدارن جي پروقات تقريب کي خطاب ڪندي پي ايس ايف ملير جي صدر شان جوکيو خطاب ڪندي چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جا نهايت ئي شڪر گذار ۽ ٿورائتا آهيون جن اسان نوجوان قيادت تي اعتماد ڪيو ۽ اسان کي عزت بخشي ۽ انشاء الله اسان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن بينظير ڀٽو جي وزن ۽ مشن کي اڳتي کڻي هلنداسين ۽ اميدن تي پورو لهنداسين. ان موقعي تي پي ايس ايف جي چونڊيل ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.