ڪنري ۾ پوليس اهلڪارن جو رستي ويندڙ جج سان بداخلاقي

ڪنري (ت ر)ڪنري ٿاڻي جي ڀرسان سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٽو ڪنري زاھيد حسين مغيري کي رستي تان گذرندي ڪنري ٿاڻي  جي پوليس اھلڪارن ھيڊ ڪانسٽيبل ميان بخش چانڊيو ۽ اھلڪار خالد جٽ روڪي ورتو. پوليس اھلڪار خالد جٽ پاڻ کي ايس ايڇ او ڪنري سڏرائي سول جج سان بدتميزي ڪندي ٿاڻي تي وٺي ويو ۽ ٿاڻي تي ٻيھر بدتميزي ۽ منھن ماري ڪئي. جنھن بعد سول جج ٿاڻي پھچي ايس ايڇ او کي فون ڪري ٿاڻي گھرايو، ايس ايڇ او سيد عاطف شاھ ٿاڻي تي پھچي معاملي کي ٿڌو ڪيو. جج جي حڪم بعد ايس ايڇ او سيد عاطف شاھ جي فرياد تي ڄاڻايل ٻنھي اھلڪارن ھيڊ ڪانسٽيبل ميان بخش چانڊيو ۽ پاڻ کي ايس ايڇ او سڏرائيندڙ اھلڪار خالد جٽ خلاف منھن ماري، بدتميزي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. پوليس ٻنھي اھلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ کيس رمانڊ لاءِ سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٻنھي اھلڪارن کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سول جج سان منھن ماري ڪندڙ اھلڪار خالد جٽ ڪجھ مھينا اڳ شاگرد حمزا خاصخيلي کي مبينا اغوا ڪري مارڪٽ ڪرڻ جي معاملي ۾ معطل ٿيل آھي ۽ معطل ٿيل ھجڻ جي باوجود ھو ڪاروايون ڪري پيو جڏھن ته ساڻس گڏ ھيڊ ڪانسٽيبل ميان بخش چانڊيو کي معطل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران پوليس جي اهڙي رويي تي اڄ عدالتي ڪاررواين جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي ريزوليوشن جاري ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ زاهد مغيري مٿان سياسي وڏيرن جي چوڻ تي ٻن ونگاري پوليس وارن بدتميزي ڪئي آهي، اڄ سموري ضلعي  ۾ اسان عدالتي ڪاررواين جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪنداسين، صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.