ڪوٽڏيجي جي چوڪي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل نينگر بازياب

خيرپور (س ر)ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت واهه جي رهواسي نظر حسين گوپانگ  پنهنجي وڪيل راجا خان ميتلو جي معرفت سيشن  جج خيرپور کي درخواست داخل ڪرائي هئي،  جنهن ۾ فرياديءَ پاران موقف اختيار ڪيو ويو هو ته علائقي جي بااثر وڏيري غلام حسين گوپانگ ۽ نواب مهر جي چرچ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏجي محمد اسلم لغاري، ڇوڏاهو پوليس چوڪي جي انچارج اي ايس آءِ اشفاق حسين  شر ، سپاهي شوڪت شر ۽ ٻين پوليس عملدارن منهنجي 14 سالن جي پٽ مظهر علي گوپانگ کي زبردستي کنڀي  نامعلوم هنڌ تي باندي بڻائي قيد ڪري  ڇڏيو آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ ڪوٽڏيجي پوليس جا عملدار  60 هزار روپيه رشوت طلب ڪري رهي آهي، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ باندي بڻايل نينگر کي فل فراءِ ۽ هاف فراءِسميت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيو ڏئي رهيا آهن درخواست تي سيشن جج خيرپور جي هدايت بعد جوڊيشل مجسٽريٽ ڪوٽڏيجي شميم ڪيو سهتو پوليس چوڪي ڇوڏاهو تي ڇاپو هڻي، پوليس وٽ زنجيرن ۾ قيد ٿيل،ناحق باندي بڻايل نينگر،مظهر گوپانگ کي  بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جوڊيشل مجسٽريٽ ڪوٽڏيجي پاران ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي اسلم لغاري، چوڪي انچارج اشفاق شر سميت لاڳاپيل پوليس عملدارن کي  اڄ رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.