موهن جي دڙي کي آفتن کان ڪئين بچايون، ڪراچي ۾ تقريب

ڪراچي( رپورٽر) موهن جي دڙي کي قدرتي آفتن جي خطرن کان محفوظ رکڻ بابت سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران ثقافتي ورثن بابت انٽرنيشنل اداري اڪرم جي سهڪار سان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ڊائيلاگ پروگرام منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي موهن جي دڙي بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ آثار قديما جي ماهر ڪليم لاشاري ڳالهائيندي چيو ته موهن جي دڙي کي ٻوڏ ۽ برسات ئي نقصان پهچائي سگهي ٿي. ان ڪري اسان کي اهڙا انتظام اڳواٽ ڪرڻ گهرجن ته جيئن موهن جي دڙي کي ماحولياتي تباهڪارين کان بچائي سگهون. هن چيو ته موهن جي دڙي جي تحفظ جي لاءِ رڳو مٽي جا بند ٻڌڻ ڪافي ناهي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان پنهنجن تاريخي ماڳن جي اهميت کي نٿا سمجهون. تاريخي ماڳ اسان جي سڃاڻپ آهي. انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته جڏهن موهن جي ڀرسان مک روڊ پئي ٺهيو ته ٺيڪيدار موهن جي دڙي جي ڀرسان درياهه جي بند تان وڃي مٽي کنئي. جنهن سان بند ڪمزور ٿيندو. هن چيو ته اسان پاڻ پنهنجي لاءِ ڊزاسٽر پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اسان وٽ اهڙيون هاڻ عمارتون نٿيون جڙن جنهن ۾ ڏينهن جي روشني وقت بغير بلب ۽ پکي جي رهي نٿو سگهجي. هن چيو ته مقامي سطح تي ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪيو وڃي ته ڪيئن غيرمعمولي حالتن ۾ پنهنجا ورثا بچائجن. آثار قديما کاتي جي ڊائريڪٽر فتح شيخ چيو ته اسان ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ قدرتي آفتن جي تناظر ۾ موهن جي دڙي جي تحفظ واري ڪم ۾ جيڪي به ساٿ ۾ شامل ٿيندا انهن سان ڀرپور تعاون ڪنداسين. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سماجي تنظيم سافڪو جي سربراهه سليمان جي ابڙو ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڊزاسٽر مئنيجيمنٽ پاليسي ۾ تاريخي ماڳ مڪانن جي تحفظ کي واضح انداز ۾ شامل ڪرڻ وارو خيال انتهائي سٺو آهي. هن چيو ته پاليسين ۾ مقامي ماڻهن جي شموليت نه هجڻ ڪري پاليسيون ناڪام ٿين ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.