ڪوٽڙي مل انتظاميا گوڏا کوڙي ڇڏيا، پورهيتن جا سمورا مطالبا منظور

ڪوٽڙي (ن ع آ)ڪوٽڙي نيٺ انتظاميا گوڏا کوڙي ڇڏيا اڪبر برادرز عوامي مل جي مزدورن جي جدوجهد ڪامياب،مل انتظاميا ايڊمين آصف لاکير، ليبر ڊپارٽمينٽ ابراهيم هنگورو ۽ ٻين سان گڏ نيٺ ٻاهر احتجاج ڪندڙ پورهيتن وٽ پهچي وئي،جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام، پورهيت اڳواڻ خالق ساريو، نياز ڪابورو، قاري وزير مجاهدي،مختيار چنوسان مزدورن جي سامهون کليل ڳالهيو ڪيو،هڪ کان 15 ڏينهن ڏهاڙي واري پورهيت کي 10 هزار ۽ پلس سموريون ڏهاري ڏني ڏني ويندي،15 کان 30 ڏينهن تائين پورهيت کي 19 هزار پلس سموريون ڏهاڙيو ڏنيون وينديون. 3 مهينن کان 12 مهينن واري پورهيت کي 38هزار پلس سموريون ڏهاري ڏني ويندي هڪ سال کان وڌيڪ ڏهاڙي واري پورهيت کي 57 هزار پلس ڏهاڙيون ڏنيون ويون،جڏهن ته مل جي طرفان کان پورهيتن کي ڏنل ڪرز ايڊواس مڪمل معاف ڪيو ويو آهي.ڪنهن به پورهيت جو گيٽ بند نه هوندو،ان موقعي تي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ مزدور دشمن مافيا جي شڪست ٿي آهي، پورهيتن جي جدوجهد ڪامياب ٿي آهي، هن چيو ته پورهيتن جي حق تلفي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي،جڏهن ته ان موقعي تي نديم چانڊيو، لالو جويو، جانزيب خاصخيلي، سيد شمير شاھ ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.