پنجاب مان ورغلائي اغوا ڪيل ڇوڪري هٿ، جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو پوليس موجب گشت دوران خفيه اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي 14 سالا نينگري کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي، ڇوڪرين کي ورغلائي اغوا ڪرڻ کان پوءِ وڪرو ڪندڙ گروهه جو هڪ ساٿي  جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ويو وڌيڪ ڇوڪري پنهنجي بيان ۾ چيو ته مهنجو نالو شاهين قريشي آهي مان پنجاب جي علائقي سرگودھا جي رهواسڻ آهيان، فون تي نوجوان سجاد سان رابطو هو جنهن مون کي ورغلائي کڻي اچڻ بعد پنجاب جي مختلف علائقن ۾ مون کي رکيو اتي ٻيون به عورتون هيون جنهن جي عزت وڪرو ڪئي ويندي هئي سجاد چاچڙ هاڻي مون کي ڪجھه ڏينھن کان وٺي اوٻاوڙو جي ڳوٺ چنالي ۾ رکيو ھو جيڪو ھاڻي مون کي وڪرو ڪري رهيو هو ته پوليس ڇاپو هڻي مون کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي وارثن کي اطلاع ڪيو آھي، جئين ايندا ته ڇوڪري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو عدالت جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.