تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وچولي ۽ پورهيت طبقي حصو ورتو آهي

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي اليڪشنز جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو وچولي ۽  پورھيت طبقي جي پارٽي قومي عوامي تحريڪ پاران، بلدياتي چونڊن ۾ سوين باشعور اميدوار ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين بيھارڻ کان پوءِ حڪمرانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي ۽ وڏيرا بوکلاھٽ  جو شڪار ٿي پيا آھن. اياز لطيف پليجي ڪيو اي ٽي اڳواڻ ۽ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي ۽ بابو نوحاڻي تي گذريل رات فائرنگ ۽ قاتلاڻو حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي چيو ته ڇا به ڪيو، مقابلا ضرور ٿيندا. سڄي سنڌ جو مڊل ۽ پورھيت ڪلاس ھاڻ اليڪشنن ۾ ميدان خالي نه ڇڏيندو، ڀلي ڪيڏي به ڌانڌلي ۽ ظلم ڇو نه ڪيو. اوھان جي سامھون به بيھنداسين، اوھان تي ڪيس به داخل ڪنداسين، اوھان جي ڏوھن، ڪرپشن ۽ حملن آڏو ديوار به بڻباسين ڀلي زور لڳايو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.