لاڙڪاڻي ۾ پير ترڪڻ سبب نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور تير ترڪڻ سبب 13 سالن جو نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته نينگر واهه ۾ وهنجي  رهيو هو ته ٻڏي فوت ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ميروخان روڊ تي حمير واهه ۾ پير ترڪڻ سبب شهر جي علي آباد پاڙي واسي 13 سالن جو نينگر باقر پٽ ميهر منگي ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي علائقي واسين پهچي فوتي نينگر جو لاش حمير واهه مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نينگر پنهنجي ڀاءُ گلاب سان لوڊر چنگچي لوڊر تي ديڳون کڻائي وڃي رهيو هو ته ميروخان روڊ تي منهن ڌوئڻ دوران هو حمير واهه ۾ ٻڏي فوت ٿيو ويو آهي. ٻئي پاسي ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نينگر ٻين ٻارن سان گڏجي حمير واهه ۾ وهنجي رهيو هو جتي وهنجڻ دوران هو ٻڏي فوت ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.