ڌانڌلي نامنظور، جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ جو ڌرڻو

جيڪب آباد(ڊر) جمعيّت علماءِ اسلام پاران جيڪب آباد ۾  من پسند پولنگ اسٽيشنز ۽ من پسند عملي جي مقرري خلاف ھڪ احتجاجي مظاهرو ،جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ،مولانا عبدالجبار  رند ،قاري عبدالوهاب لاشاري، حافظ نعمت الله، اميدوارن قاضي امتياز، نعيم الله لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جامع اقصي جيڪب آباد مان ڪڍي شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪِئي ۽ پري پول ڌانڌلي نامنظور ، من پسند عملو ۽  من پسند پولنگ اسٽيشن نامنظور جهڙا نعرا  هنيا بعد حبيب چوڪ جيڪب آباد وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ،ھوڏانھن جي يو آءِ وارڊ ون، ٽو ۽ 12 جي اميدوارن شفيع محمد سومرو، عبدالرحم سومرو ،تاج محمد انصاري جن گهر گهر وڃي ورڪ ڪئي ۽ مختلف ڪارنر گڏجاڻين ۾ مقررين چيو ته انسان دوست اميدوارن جي نشاني ڪتاب کي ووٽ ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪندڙ ڀوتارن ۽ پراڻي مفاد پرستن  کي رد ڪيو وڃي. ان موقعي تي خالد حسين بلوچ، محمد اسحاق سٻايو، شريف الله صديقي پنهنجي سوين ساٿين سميت جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڪتاب کي ڪامياب ڪرڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته من پسند پولنگيون ۽ عملو مقرر ڪرڻ بند ڪيو وڃي نه ته ڌرڻا هڻي گهيراءُ ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.