ش ڀ اڳواڻ جو گم ٿيل پورهيت ڀاءُ نه مليو، ڪيس داخل

کوکراپار (ن ع آ ) ڪجھه ڏينهن اڳ شھيد ڀٽو اڳواڻ منان چانڊيو جي ڀاءُ پورھيت نوجوان جبار چانڊيو جي اغوا جي پ پ شھيد ڀٽو ملير جي اڳواڻن ڪامريڊ سليم راجپوت بخشل گوريل آزاد گوپانگ سليم کوسو مشتاق سولنگي ڊاڪٽر رتن ڪمار بابر جماڻي ۽ ٻين شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته  پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ منان چانڊيو شھيد ڀٽو جو بھادر سپاھي آھي کيس حق ۽ سچ جي راھ تي ھلندي علائقي ۾ منشيات ۽ ٻين براين خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ تنگ ڪندي سندس نوجوان پورھيت ڀاءُ شاھنواز شر ڳوٺ جي رهواسي  جبار چانڊيو کي اچانڪ غائب ڪيو ويو آھي جيڪو ڪريل عمل آھي.  جنھن  جي اسان شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن وڌيڪ چيو آھي ته گذريل ڇھن ڏينھن کان اسان جو ڪارڪن  لاپتا آهي ۽ سندس موبائيل پڻ مسلسل  بند پيو اچي  جنهن جي اين سي سندس ڀاءُ  سچل ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر انتظاميا روايتي سستي جو مظاھرو ڪري نوجوان جو ڪوبه سراغ لڳائي نه سگھي آھي ٻئي طرف لاپتا ٿي ويل پورهيت جي ڀاءُ پ پ ش ڀ اڳواڻ منان چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي پر ڪجهه وقت اڳ اسان علائقي مان منشيات جي خاتمي لاءِ آواز اٿاريو هو ۽ مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شڪايتون به ڪيون هيون انھي ڪري شڪ آهي ته  منشيات فروشن ڀاءُ کي اغوا ڪيو آهي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته  واقعي جي جاچ ڪرائي شھيد ڀٽو اڳواڻ جي ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.