ڪراچي پورٽ قاسم ڀرتين ۾ مقامي نوجوانن کي کڻي: ممتاز بروهي

سرجاني ٽائون (ن ع آ) نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ممتاز بروهيءَ انڊس پريس ڪلب ڪراچيءَ  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ڌرتيءَجي راڄڌاڻيءِ واري شهر ڪراچي، سمنڊ، درياءَ، معدني وسيلن،  عملداري يا ملازمتن توڙي وڻج واپار مٿان پهريونم فطري , قانوني ۽ آئيني حق ڌرتي ڌڻين جو آهي .  پورٽ قاسم سنڌ جي راڄڌاڻيء واري شهر ڪراچيء واري  عربي سمنڊ سڏجندڙ پر اصل ۾ سنڌ کي مليل املھ قدرتي نعمت سنڌي سمنڊ مٿان اڏيل جڳ مشهور بندرگاهه آهي .انهيء ڪارڻ ان مٿان سڀ کان پهريون , اوائلي , فطري , عالمي  توڙي ديهي قانوني توڙي آئيني حق ڌرتي ڌڻين يا اوائلي ۽ اصلوڪن رهاڪن جو آهي، پورٽ قاسم اٿارٽيءَ پاران ملازمن جون  ڀرتيون شروع ڪيون ويون آهن . پر لڳي ائين ٿو ته هنن ڀرتين منجھ به اڳي جيان ڳجھ ڳوه ۾ سياسي ٽڪساٽ هيٺ ٻاهريان ۽ غير سنڌي ماڻهو ڀرتي ڪري , سنڌ جي وارثن کي اٽي ۾ لوڻ برابر ئي سهي پر سندن ڪوٽا مطابق ملڻ جوڳين نوڪرين کان به محروم رکيو ويندو .پريس ڪانفرنس دوران نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪراچي ڊويزن جو صدر ايڊوڪيٽ امتياز بروهي ۽ نئين ڪراچي سب ڊويزن جو صدر فدا حسين رند به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.