ڪڪڙ لڳ لوڙھي کي باهھ،ڳوٺاڻا يرغمال، ڦرلٽ، احتجاج 

ڪڪڙ(ن ع آ) ڪڪڙ لڳ مرزو جمالي ۾ نيڪ مرد حاجي عبدالنبي جمالي جي پٽ شاھنواز جمالي جي ايڪڙ تي مشتمل مڇي جي تلاء جي  بچاء لاء ڏنل جوابدارن طرفان لوڙھي کي باھ ڏيڻ بعد ويٺل ٻن ڳوٺاڻن صدام ۽ آدم جمالي کي يرغمال ڪري پاڻي وارو موٽر سولر پليٽون بيٽري سميت ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري ويا آھن ڦلجي وليج پوليس طرفان رپورٽ داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ متاثر ڌر شاھنواز علي جمالي ۽ رئيس ايڊوڪيٽ نورنبي  جمالي چيو آھي ت  اسان جي مڇي جي تلاء جي بچاء لاء ڏنل لوڙھي کي  بااثر جوابدارن طرفان باھ  ڏيڻ بعد چاڇي آدم جمالي ۽ ماروٽ صدام کي يرغمال ڪري پاڻي وارو موٽر سولر پليٽون پکا ڦرلٽ ڪري کڻي  ويا پر ڦلجي پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ ھئڻ ڪري اسان جي  رپورٽ داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي  جوابدار بااثر ھئڻ ڪري انھن اسان کي مڇي تلاء ھڻن تي منع ڪئي ھئي جوابدار اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن  پوليس طرفان جوابدار کي گرفتار ن ڪرڻ جي صورت ۾ وڏي خونريزي ٿيڻ جا خدشا آھن اسين ايس ايس پي دادو سميت اعلي عملدارن کان مطالبو ڪندي ملوث بااثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.