عبدالله شاهه انسٽيوٽ ۾ باهه،ايمرجنسي وارڊ ۾ دونهو ڀرجي ويو

سيوھڻ(ن ع آ) سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف  ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي ايمرجنسي وارڊ ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ ۾ خرابي سبب اسپارڪنگ ٿيڻ سبب ايمرجنسي وارڊ ۾ باھ لڳڻ بعد دونهو ڀرجي ويو، جنهن سبب ڪوبہ جاني توڙي مالي نقصان ناهي ٿيو. ايمرجنسي وارڊ اندر باهہ وسائڻ واري سهولت فائر اسٽنگشن سسٽم  ميسر هجڻ سبب موقعي تي ئي باهہ تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. جڏهن تہ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي موقعي تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي چيو تہ صورتحال مڪمل ڪنٽرول هيٺ آهي، ايمرجنسي وارڊ ۾ دونهون ڀرجڻ سبب مريضن کي في الحال ٻئي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ عارضي بنيادن تي ايمرجنسي وارڊ کي ٽراما سينٽر ۾ شروع ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.