مڪاني چونڊن ۾ نوجوان قيادت کي سوڀارو ڪريو

 

ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي سوڀوديرو سان تعلق رکندڙ نوجوان علي شان شاھاڻي جيڪو ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي جو رھواسي آھي. ھيءُ نوجوان شاھ عبدالطيف سان منسوب ٿيل آھي ان ۾ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ تعليم پرائي رھيو آھي. جيڪڏھن سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين تي نظر وجهنداسين ته ھر طرف شهرن، محلن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جون گليون ۽ روڊ رستا کنڊر بڻيل نظر ايندا جتي ڪابه بنيادي سهولت موجود ناھي اھڙي صورتحال کي ڏسندي يوسي گڏيجي جي باشعور عوام ھن نوجوان کي مڪاني چونڊن ۾ يوسي وائيس چيئرمين جي لاءِ اميدوار جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان منتخب ڪيو آھي

علي شان شاھاڻي ھڪ تعليم يافته نوجوان ھئڻ سان گڏوگڏ سوشل ورڪر پڻ رھيو آھي. ھيءُ بنا فرق جي ھميشه مظلوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آھي ۽ پوء اھو به نه ڏٺو اٿس ته ظالم ڪيترو طاقتور آھي ڪٿي تڪليف ته نه ايندي. جڏھن به ڪنهن تي ظلم ٿيو آھي يا وري مجموئي طور تي سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گهاتين خلاف ھر محاظ تي اڳ کان اڳ ڀرو نظر آيو آھي نه صرف ايترو پر ھر ان مسڪين، غريب ۽ پورھيت جي شادي کان ويندي غميءَ تائين ان سان ڀرپور ساٿ پڻ ڏنو آھي

علي شان شاھاڻي پنهنجي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ئي نه صرف سوشل رھيو آھي پر ھيءُ جنهن اداري ۾ تعليم پرائي رھيو آھي ان اداري اندر بي پهچ شاگردن جي ھر ممڪن نه صرف مدد ڪئي آھي پر اھو جائزو حق به وٺي ڏنو آھي جيڪو شاگرد جو بنيادي آھي

سنڌ اندر مڪاني چونڊن جي مهم زور ڇور سان ھلي رھي آھي ته ٻئي پاسي ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان پنهنجي ھم عمر جي دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي سچائي ۽ ايمانداري جي بنياد تي علي شان پڻ يوسي گڏيجي ۾ ورڪ ڪري رھيو آھي ۽ سندس جو ھر ھڪ ڳوٺ ۽ چونڪ چوراھي تي گڏ ٿيل ماڻهن کي اھو پيغام آھي ته اوھان جي اصرار تي اليڪشن ۾ بيٺا آھيون ۽ سنڌ جي ماڻهن جو درد سمجهون ٿا. ھيءُ نوجوان پاڻ ھڪ محنتي آھي ۽ ھر ھڪ محفل ۾ اھو پڻ ذڪر ڪندو آھي ته منهنجو گهر پڙھيو لکيو آھي اسان کي غريبن ۽ مسڪينن جو ايترو درد ٿيندو آھي.

علي شان شاھاڻي غريبن، مسڪينن، پورھيت ۽ ھارين جي حقن خاطر يوسي گڏيجي جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪايو آھي، يقينن! سنڌ ۾ تبديلي ۽ ترقي اهڙي ئي نوجوان قيادت جي ڪري نه صرف ممڪن ٿيندي پر يوسي جي ھر ھڪ ماڻهو جا وقت سر ڪم به ٿيندا ۽ سنڌ جا شهر، ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون کنڊرات کان بچي وينديون.

عمران علي شاھاڻي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.