رت جو عطيو ڏيندڙن جو عالمي ڏينهن

اڄ رت جو عطيو ڏيندڙن جو عالمي ڏينهن آهي. هر سال 14 جُون تي سڄيءَ دنيا جا ملڪ ’رت جو عطيو ڏيندڙن جو عالمي ڏينهن‘ (ورلڊ بلڊ ڊونر ڊي‘) ملهائيندا آهن. هي ڏينهن محفوظ ۽ صحتمند رت جي ضرورت جي باري ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ رضاڪاراڻي طور تي، بنا معاوضي رت عطيو ڪرڻ وارن جو ٿورو مڃڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ته سندن رت اڻ ڳڻيون جانيون بچائڻ لاءِ هڪ تحفي جو ڪم ڪري ٿو. هڪ انسان جو ٻئي انسان کي ضرورت وقت رت ڏيڻ، صحت جي هڪ اثرائتي نظام جو بنيادي جزو آهي. لک سلام انهن رت عطيو ڪندڙن کي آهن، جن کي رت ڏيڻ ويل اها به خبر ناهي هوندي، ته سندن رت ڪنهن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪم ايندو.

اڄ ان ’ڪارل لينڊاسٽينر‘ جي سالگرهه جو ڏينهن پڻ آهي، جنهن ڏينهن کي گڏيل قومن (اقوامِ متحده) پاران ”رت جي عطيي ڏيندڙن جي عالمي ڏينهن“ طور ملهائڻ جي حوالي سان موزون ترين ڄاڻندي، اڄ کان 18 سال اڳ 2004ع کان هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ٿي. ان ڏس ۾ اڄ ملهائجندڙ ان ڏينهن جو هن سال جو نعرو آهي:

“Donating blood is an act of solidarity”

” رت جو عطيو ڏيڻ يڪجهتيءَ جو عمل آهي “

بنيادي طور تي سمورن انسانن ۾ چئن قسمن جو رت ٿئي ٿو. هڪ: A، ٻيو: B، ٽيون: AB ۽ چوٿون: O. انهن مان هر اکر مان مراد، رت جي ڳاڙهن جُزن جي مٿاڇري تي موجود ”اينٽيجن“ يا پروٽين جو قسم آهي. ان سان گڏ، رت جو هر گروپ پنهنجي ”آر ايڇ فيڪٽر“ (رهيسس فيڪٽر) جي ”واڌُو“ (پازيٽِو) يا ”ڪاٽُو“ (نيگيٽِو) هجڻ جي ڪري پڻ سُڃاتو ويندو آهي، يعني اوهان جو رت A، B، AB يا O جي اينٽيجن مان ”نيگيٽِو“ به ٿي سگهي ٿو ۽ ”پازيٽو“ به!

تازي ريسرچ مطابق 85 سيڪڙو امريڪا واسين ۽ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ چين جي رهواسين جو رت ”پازيٽِو“ (آر ايڇ) جو آهي. رت جي مڙني گرُوپن مان ”او ـ پازيٽِو“ رت کي ”يُونيورسل ڊونر گرُوپ“ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن رت جو مالڪ شخص هر پازيٽِو آر ايڇ رت رکندڙ شخص (مرد توڙي عورت) کي رت جو عطيو ڏئي سگهي ٿو. ”واڌو“ جي مقابلي ۾ رت جا ”ڪاٽُو“ گروپ وڌيڪ ڪامياب آهن ۽ گهٽ ماڻهن ۾ ملن ٿا. سڀن کان وڌيڪ گهٽ ملندڙ رت جو گروپ ”اي بِي نيگيٽِو“ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ دريافت ٿيل ”بمبئي گرُوپ“ اڃا به ڪامياب آهي، بلڪه دنيا ۾ ڪمياب ترين آهي. ايتريقدر جو اوهان مان گهڻن ته ان گروپ جو نالو به ڪونه ٻڌو هوندو. ان گروپ کي ”ايڇ ايڇ“ (HH) گروپ به چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ”ايڇ“ اينٽيجن تي مشتمل ٿئي ٿو. رت جي انهن مختلف گرُوپن جي حوالي سان توهم پرستن ڪي خصلتُون به وابسته ڪري رکيون آهن، ته فلاڻي گروپ سان واسطو رکندڙ شخص ۾ فلاڻيون خوبيون هونديون ۽ فلاڻي گروپ سان تعلق رکندڙن ۾ فلاڻيون، پر انهن ڳالهين جو جينياتي سائنس جي حوالي سان حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي ۽ اهي فقط ”دل بهلائڻ جي خيال“ طور ٻڌيون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون.

دنيا جي پهرين بلڊ بينڪ، 1937ع ۾ آمريڪي شهر شڪاگو جي ”ڪُڪ ڪائُونٽي اسپتال“ ۾ ”برنارڊ فينٽس“ نالي طبي ماهر قائم ڪئي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ انساني رت وڪڻڻ قانوني ڏوهه آهي. اوهان ضرورت جي صورت ۾ رت جي بدلي مَٽا سَٽا جي بنياد تي، پنهنجو ضرورت واري گروپ جو رت وٺي سگهو ٿا، پر اهو به وڏو الميو آهي ته رت جو وڪرو دنيا جو هڪ تمام وڏو ”غيرقانوني ڌنڌو“ بڻيل آهي. خود آمريڪا ۾ عطيو ٿيل رت وڪڻڻ هڪ وڏو ڌنڌو آهي.

انسان کي ان جي رت جو گروپ به وراثت ۾ ملي ٿو، پر اهو سدائين لازمي ناهي ته جيڪي والدين جي رت جا گروپ آهن، اولاد جي رت جو گروپ به انهن منجهان ئي ڪو گروپ هجي. هر انسان جي رت جو گروپ ڄمڻ کان مرڻ تائين ساڳيو ئي رهي ٿو، تنهنڪري اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي رت جو گروپ معلوم هجڻ گهرجي، ته جيئن ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ وقت بچائي سگهجي ۽ فوري طور رت جو عطيو ڏئي يا وٺي سگهجي. هاڻي ته نادرا پاران هر پاڪستانيءَ جا ذاتي تفصيل درج ڪرڻ وقت رت جو گروپ به درج ڪيو وڃي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته هر شهريءَ کي جاري ٿيندڙ قومي شناختي ڪارڊ تي به رت جو گروپ لکرايو وڃي، ته جيئن ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ اهڙو اندراج مددگار ثابت ٿي سگهي.

پاڪستان ۾ رت جو عطيو ڏيڻ جو شعور نه هئڻ سبب، 29 سالن کان گهٽ عمر وارن نؤجوانن جي 70 سيڪڙو آدمشماري هجڻ جي باوجود به اسان وٽ رضاڪاراڻي طور تي رت جو عطيو ڏيندڙن جي شرح رڳو 10 سيڪڙو آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليُو ايڇ او) جي انگن اکرن مطابق، سڄيءَ دنيا مان هر سال 11 ڪروڙ 25 لک رت جا عطيا ڪٺا ڪيا وڃن ٿا، جن منجهان اڌ عطيو دنيا جي شاهوڪار ملڪن جي رهاڪن پاران ڏنو وڃي ٿو. دنيا جا 57 ملڪ اهڙا آهن، جن وٽ 100 سيڪڙو ڏنل رت جو عطيو، نج رضاڪاراڻي طور تي انسانذات جي مدد جي خيال سان عطيو ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان اندر رت جو جيڪو عطيو سڄي سال ۾ ڏنو وڃي ٿو، ان جو 90 سيڪڙو رت، مائٽن پاران انتهائي ضرُورت ۾ پنهنجن ئي مائٽن کي ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته انسانيت جي خدمت واري جذبي تحت، اسان وٽ فقط 8 کان 10 سيڪڙو رت عطيو ڪيو وڃي ٿو. رت جي هڪ بوتل ۾ 525 ملي لٽر رت جو مقدار ٿئي ٿو ۽ هڪ صحتمند بالغ انسان جي جسم ۾ 8 کان 12 بوتلن جيترو (4.2 لٽر کان 6.3 لٽرن تائين) خون گردش ڪري ٿو . هن وقت پاڪستان جي مختلف شهرن جي مختلف اسپتالن ۾ داخل مريضن لاءِ ساليانو گهربل رت سراسري طور 15 لک بوتلون (7 لک 87 هزار 500 لٽر) آهي، جنهن منجهان 40 سيڪڙو سرڪاري بلڊ بئنڪن مان فراهم ٿئي ٿو، جڏهن ته جيڪڏهن پاڪستان جي آدمشماريءَ جو رُڳو هڪ سيڪڙو (سؤ مان رڳو هڪ ماڻهو) به رت جو عطيو ڏئي ته ملڪ جي موجوده رت جي ضرورت جو پوراءُ ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان ۾ هن وقت 150 سرڪاري ۽ 450 خانگي بلڊ بينڪون آهن، جن منجهان اڪثر بلڊ بينڪون اسپتالن اندر قائم ٿيل آهن. خانگي بلڊ بينڪن منجهان اڪثر بلڊ بينڪون رجسٽرڊ ۽ ريگيولرائيز ٿيل ناهن. جنهن ڪري غير معياري ۽ اڻ اسڪرين ٿيل رت جي منتقلي اسان وٽ عام ڳالهه بڻيل آهي، جنهن جي ڪري واقع ٿيندڙ موت جي شرح جو اسان وٽ ڪوبه مستند رڪارڊ ترتيب ڪونه ٿو ڏنو وڃي. رت جي هر منتقليءَ کان اڳ هر عطيي ٿيل سيمپل جي ايڇ آءِ وِي، هيپاٽائيٽس، سائفلس، ويسٽ نائل وائرس ۽ ٻين مهلڪ بيمارين جي ٽيسٽ ڪري اهو پڪ ڪرڻ بلڊ بينڪ لاءِ لازم آهي ته اهو رت انهن بيمارين کان پاڪ آهي يا نه! فقط انهن بيمارين جي ٽيسٽن مان اسڪرين ٿيل خون ئي ضرورت واري جسم ۾ ٽرانسفيُوز ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به بلڊ بينڪ جي مٿان اهڙي مانيٽرنگ آهي ئي ڪانه ته اهي لڳجندڙ رت جي جامع اسڪريننگ ڪن به ٿيون يا نه! رت جي بينڪن جي رجسٽريشن ۽ ريگيولرائيزيشن ۾ ڪوتاهي هر پوئين حڪومت جي غفلت جو تمام وڏو ثبوت آهي، ڇاڪاڻ ته رت جي منتقلي هڪ اهڙو نازڪ معاملو آهي، جنهن سان مريض جي زندگي سلهاڙيل آهي.

17 سالن کان وڏو هر صحتمند شخص 8 هفتن (56 ڏينهن) ۾ رت جي هڪ بوتل عطيو نه رڳو ڪري سگهي ٿو، بلڪه کيس پنهنجي جسم ۾ نئين خون ٺاهڻ جي لاءِ اهو رت ضرُور عطيو ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته رت ڏيڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪابه عمر ناهي، جيسين اوهان صحتمند آهيو ۽ اوهان کي ڪا بيماري لڳل ناهي ته اوهان ڪهڙيءَ به عمر تائين رت جو عطيو ڏئي سگهو ٿا. ڇا اسان به پنهنجي رت اڻ ڏٺل ضرورتمندن کي عطيو ڪري ساڻن زندگي نه ٿا ونڊي سگهون؟ ڪهڙي خبر، سڀاڻي اسان پاڻ ضرورتمند هجون ۽ ايئن ئي ڪنهن اڻ ڏٺل جو رت اسان جي زندگيءَ جي بحاليءَ جو سبب بڻجي!

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.