ميروخان: سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين جو بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ريلي

ميروخان ۾ سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن ۽ شهرين نوجوان اتحاد جي سڏ تي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي عبدالظاهر تنيو، منور منگي، هوشو چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مقامي پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پابندي سان بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود سيپڪو پاران گذريل هڪ مهيني کان روزانو 8 کان 10 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

سندن چوڻ هو ته قهر جهڙي گرمي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهرين ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته بجلي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو.

اڳواڻن سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي عذاب کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.