حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ اڳواڻن جو شاگردن جي حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن شاگردن جي حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ عاطف ملاح، ڪنبير ڀيل، غلام علي زنئور ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مهانگائي باوجود حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي وئي،جڏهن ته تعليم جي بجيٽ ۾ واڌ نه ڪرڻ شاگردن سان دشمني آهي.

سندن چوڻ هو ته ون يونٽ خلاف 4 مارچ واري سنڌي شاگردن جي جدوجهد کانپوءِ منظم سازش تحت سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ دھشتگرديءَ جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي.

اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڳريون فيسن، ميٽرٽ جي لتاڙ ۽ شاگردن کي حراسان ڪري آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن اعلان ڪندي چيو ته جون جولاءِ ۾ شاگردن جي حقن لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.