پيغمبر اسلام بابت گستاخاڻو بيان، چين جو رد عمل به سامهون اچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پيغمبر اسلام بابت گستاخاڻو بيان ڏيڻ تي چين به هندو انتهاپسند ڀارتي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته انا ۽ نسلي ۽ مذهبي فرق کي ختم ڪرڻ، پنهنجن ۽ ٻين وچ ۾ فرق کي سمجهڻ ۽ تهذيبن وچ ۾ امن کي هٿي ڏيڻ انتهائي اهم آهي.

چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پيغمبرِ اسلام بابت گستاخ بيانن جي ڪري نريندر مودي جي حڪومت ڀارت ۾ جيڪا صورتحال پيدا ڪئي آهي اميد آهي ته ان ۾ جلد بهتري ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.