جيڪڏهن ڦريل ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻبو ته وڏي وزير جي قانوني حيثيت ڇا هوندي؟

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ حمزا شهباز جي حلف برداري لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي نامزد ڪرڻ خلاف اپيلن تي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني فل بينچ تحريڪ انصاف ۽ پرويز الاهي جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي وڪيل منصور عثمان اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته گورنر پنجاب چونڊيل وڏي وزير کان حلف نه وٺي پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي، گورنر وٽ وڏي وزير جي چونڊ جي قانوني حيثيت پرکڻ جو اختيار ناهي.

فل بينچ پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت جيڪڏهن ڦريل ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻبو ته پوءِ وڏي وزير جي قانوني حيثيت ڪهڙي هوندي؟

حمزا شهباز جي وڪيل نقطو اٿاريو ته اڃا سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻو آهي ۽ هونئن به سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماضي کان لاڳو نه ٿيندو.

عدالت سوال ڪيو ته گورنر رٻڙ اسٽيمپ وانگي ڪم ڪندو آهي يا هو اليڪشن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاري وڏي وزير جي حلف کڻڻ جي سمري واپس موڪلي سگھي ٿو؟

حمزا شهباز جي وڪيل ٻڌايو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ جي نتيجي ۾ وڏو وزير عهدي کان ڌار ٿيو ۽ ڪو ٻيو ميمبر هر هر چونڊ ۾ اڪثريت حاصل نه ڪري سگھي ته اهڙي صورت ۾ گورنر وٽ ڪجهه اختيار آهن.

عدالت اپيلن تي وڌيڪ ڪارروائي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.