جان سينا يوڪريني جنگ متاثر جي خواهش پوري ڪري ڇڏي

ايمسٽرڊيم (ويب ڊيسڪ) مشهوري ريسلر ۽ اداڪار جان سينا يوڪريني جنگ متاثر نوجوان جي خواهش پوري ڪري ڇڏي آهي.

يوڪرين جو هڪ ڪٽنب جنگ جي ڪري نيدرلينڊ ۾ لڏي ويو ۽ ڪٽنب جي هڪ نوجوان ميشا کي سندس ماءُ اهو ڪوڙ هنيو ته هو کيس جان سينا سان ملائڻ لاءِ وٺي وڃي رهي آهي.

ڳالهائڻ واري سگهه کان محروم ميشا بابت ٻڌي جان سينا پاڻ کي روڪي نه سگهيو.

جان سينا جو چوڻ آهي ته مون اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ نيدرلينڊ اچي نوجوان سان ملاقات لاءِ جو رٿي ورتو.

جان سينا 19 ورهين جي ميشا سان ملاقات ڪري فوٽو ڪڍرايا ۽ وڊيوز به ٺهرايون.

پنج جون تي جان سينا جي ملاقات ميشا ۽ سندس ماءُ سان ٿي جتي ريسلر ميشا کي ڀاڪر پائي ڊبليو ڊبليو اي جو بيلٽ به ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.