پيءُ قتل ڪرڻ چاهيندو هو، ماءُ ڪوڙ ڳالهايو: دعا زهرا جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي مان لاهور وڃي پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا ماءُ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل ملاقات جو قصو ٻڌائيندي نوان انڪشاف ڪري ڇڏيا آهن.

مڙس ظهير احمد سان گڏ پهرئين انٽرويو ۾ دعا زهرا چيو ته آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ماءُ کي اهو نه چيو هو ته مان توهان سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، ماءُ جج سان ڪوڙ ڳالهايو.

دعا زهرا جو چوڻ آهي ته والدين ملاقات دوران چوندا رهيا ته جج کي چئو ته تون اسان سان گڏ وڃڻ چاهين ٿي پر مان انڪار ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته مان ماءُ کي چيو ته ٺاهه ڪري وٺو پر ماءُ به ان کان انڪاري ڪري ڇڏيو ۽ زور ڀريو ته جج کي چوان ته مان والدين سان وينديس.

سندس چوڻ هو ته مون والدين کي انڪار ڪيو هو پر هنن جج سان ڪوڙ ڳالهايو ته مان انهن سان وڃڻ جو چيو.

دعا زهرا انڪشاف ڪيو ته منهنجا والدين چاچي جي پلاٽ لاءِ سئوٽ سان شادي ڪرائڻ جا خواهشمند هئا.

هن چيو ته چاچي جو ڊي ايڇ اي ۾ پلاٽ آهي جنهن تي پيءُ ۽ چاچي ۾ مسئلا آهن، پيءُ جي خواهش هئي ته منهنجي شادي ڪرائي پلاٽ پنهنجي نالي ڪرائي پر مان انڪار ڪيو هو.

دعا زهرا جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيءُ مون کي ماريو ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، منهنجي مامي به ڌمڪي ڏني ته منهنجي شادي سندن مرضي موجب ٿيندي.

هن چيو ته منهنجي حقيقي عمر 17 سال آهي پر والدين منهنجي عمر 3 سال گهٽ لکرائي آهي.

هن والدين کي درخواست ڪئي ته غلطيون معاف ڪري دل وڏي ڪن ۽ مون کي ۽ ظهير کي قبول ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.