زردالو هڪ ذائقيدار ميوو آهي جيڪو غذائيت سان پڻ مالامال هوندو آهي.
هي ميوو مٽامنز ۽ معدنيات سان ڀرپور هوندو آهي جنهن جو ذائقو مٺو ٿئي ٿو.
زردالو ۾ آئرن، فائبر، پوٽاشيم ۽ وٽامن اي، سي ۽ ايِ هوندا آهن.
ان کانسواءِ هي توانائي جو ڀرپور ذريعو آهي، زردالو ۾ فائبر جو جهجهو مقدار قبض ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.
هي اوهان جي اکين جي صحت لاءِ به ڪارائتو آهي جڏهن ته چمڙي جي بيمارين کان تحفظ ڏئيٿو.
هن جا اينٽي آڪسيڊنٽ وقت کان اڳ عمر وڌڻ وارين علامتن کي روڪڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
ٿولهه جو شڪار ماڻهن لاءِ زردالو فائدمند هوندا آهن ڇو ته هن ميوي ۾ موجود خاصيتون وزن گهٽائڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون.
رت جي کوٽ واري مسئلي کان آجپي لاءِ زردالو ۾ آئرن موجود آهي، رت جي کوٽ وارين علامتن کان بچڻ لاءِ زردالو به سٺو آپشن آهي.
هي جسم ۾ آئرن جي سطح توازن ۾ رکي ٿو ۽ هيموگلوبن جي سطح ۾ بهتري آڻي ٿو.