”پيٽرول اڃا مهانگو ٿيندو“ مفتاح اسماعيل عوام جا ڇِرڪ ڪڍي ڇڏيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اڃا واڌ ڪئي ويندي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) اسان کي چيو آهي ته پيٽرول تي سبسڊي ختم ڪيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪجهه ۽ ڪجهه ڪجهه ٻيو ڪندي هئي، پي ٽي آءِ وارن آءِ ايم ايف سان بهتر معاهدا نه ڪيا.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، جلد معاهدو ٿي ويندو، معاملا بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندا.

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان امپورٽڊ نه پر هن ملڪ  ۾ ئي ڄاوا آهيون ۽ هتي ئي مرنداسين، منهنجو مقصد آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ ناهي، هن وقت آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ ضروري آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته جيڪڏهن چين کان پئسو اچي وڃي ته اعتماد بحال ٿيندو، دوست ملڪن جي پئسي سان ملڪ ناهن هلندا، هن ملڪ ۾ اسٽرڪچرل مسئلا آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي، اڄ به اها ئي ڳالهه ڪري رهيا هئا جيڪا چار سال اڳ ڪري رهيا هئا، مسئلا هوندا آهن ڪوئي حل ناهي ڪندو.

هن چيو ته مهانگائي جي شرح 25 کان 30 سيڪڙو تائين نه ويندي، جنگ سبب دنيا ۾ تيل ۽ ڪڻڪ مهانگي ٿي آهي، عمران خان کي يقين هو ته وڃڻ وارو آهيان، تنهن ڪري هن وڏي شاٽ کيڏي.

سندس چوڻ هو ته اسان ري ٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، اسان دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، ٻن ٽن مهينن ۾ مهانگائيءَ جو مسئلو ڪنٽرول ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.