اهڙي نڪاح جو ڪهڙو فائدو؟ سونيا حسين دانيا ملڪ تي ڪڙڪي پئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا سونيا حسين اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

سونيا حسين چيو آهي ته مون کي سمجهه نه پئي آيو ته مان ان جي لاڏاڻي تي ڇا لکان، جنهن وقت مون کي اها خبر ملي مان سيٽ تي هيس ۽ ميڪ اپ ڪرائي رهي هيس، مان سمجهيو ته اها ڪوڙي خبر هوندي.

هن انڪشاف ڪيو ته اها خبر مان گهڻن ماڻهن کي ٻڌائي ڪجهه ماڻهن معمولي تاثر ڏنو ڪجهه وري چيو ته چڱو ٿيو جو هو دنيا مان هليو ويو.

هن حيراني ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڪو به شخص ڪنهن جي موت تي ائين ڪيئن چئي سگهي ٿو ته چڱو ٿيو؟

مون کي ڏک آهي، هن ٽي وي چينلز کي پنهنجن شوز ذريعي پيسا ڪمائي ڏنا، سندس شوز جي بهترين ريٽنگ ايندي هئي.

هن نالو وٺڻ کانسواءِ عامر لياقت حسين جي ٽئين زال دانيا ملڪ کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.

هن چيو ته پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيان ته شادي کانپوءِ به ائين ذاتي وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري سگهجن ٿيون، انسان ڪهڙي شئي تي يقين ڪري؟ اهڙي نڪاح جو ڪهڙو فائدو؟ اهڙي رشتي ۾ ٻڌجڻ جو ڪهڙو فائدو جڏهن اوهان پاڻ کي محفوظ ئي نه سمجهو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.