عاليا ڀٽ سان شادي کانپوءِ رنبير ڪپور جو ڪهڙو حال آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور عاليا ڀٽ سان شادي کانپوءِ پنهنجي حالت بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته سندس زندگي ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي.

رنبير ڪپور جو چوڻ آهي ته عاليا ڀٽ سان شادي کانپوءِ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي.

هن چيو ته اسان پنجن سالن کان گڏ آهيون ۽ شادي کانپوءِ پنهنجن ڪمن لاءِ نڪري وياسين.

رنبير موجب عاليا شوٽنگ تي هلي وئي ۽ مان منالي هليو ويس، ڪم کان پوءِ هفتي جي موڪلن تي وينداسين.

عاليا ڀٽ جڏهن 11 سالن جي هئي ته هن ڊيٽنگ شروع ڪري ڇڏي هئي جڏهن هو پندرهن سالن جي ٿي ته سيريس رليشن شپ ۾ هئي.

اهو انڪشاف به هن تازي انٽرويو دوران ڪيو آهي.

هن چيو ته جڏهن هو ڇهين ڪلاس ۾ هجي تڏهن هن ڇوڪرن کي ڊيٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ ڏهين ڪلاس ۾ پهتي ته پهريون ڀيرو کيس پيار ٿي ويو ۽ اهي لاڳاپا ٻن سالن تائين هليا.

عاليا جي ورن ڌون  سڌارٿ ملهورتا سان لاڳاپن جون خبرون به اينديون رهيون هيون پر ڪنهن فنڪار مڃيو نه هو.

نيٺ عاليا کي رنبير ڪپور وڻي ويو هو ۽ رنبير کي به عاليا پسند اچي وئي جنهن بعد جوڙي شادي ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.