انساني دماغ جو گرمي پد ڪيترو آهي؟ طبي ماهرن جي نئين تحقيق ۾ وڏا انڪشاف

ڇا انساني جسم ۽ دماغ جو گرمي پد هڪجهڙو هوندو آهي؟

جيڪڏهن اوهان جو جواب ها آهي ته ڄاڻي وٺو ائين ناهي حقيقت ۾ دماغ جو گرمي پد جسم کان وڌيڪ هوندو آهي.

برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صحتمند مردن ۽ عورتن جو جسماني گرمي پد عام طور تي 37 سينٽي گريڊ کان گهٽ هوندو آهي ان جي ڀيٽ ۾ دماغ جو ايوريج گرمي پد 38.5 سينٽي گريڊ هوندو آهي.

تحقيق موجب دماغ جي اندرين حصن ۾ اهو گرمي پد 40 سينٽي گريڊ کان به وڌيڪ هوندو آهي خاص طور تي عورتن ۾ .

ان کان اڳ انساني دماغ جي گرمي پد تي ٿيل تحقيقي ڪم ۾ ان ڊيٽا تي دارومدار رکيو ويو جيڪا دماغي زخمن جي متاثر فردن جي هئي، جن جي دماغ جي سڌ سنئون مانيٽرنگ جي ضرورت هوندي آهي.

پر هاڻي هڪ نئين اسڪيننگ ٽيڪنيڪ ايم آر ايس ذريعي محقق صحتمند ماڻهن جو دماغي گرمي پد ڄاڻڻ جي اهل ٿي ويا آهن.

تحقيق ۾ صحتمند دماغ جي گرمي پد جو پهريون 4 ڊي ميپ پڻ تيار ڪيو ويو جيڪو ڪيئي خيالن کي بدلائڻ وارو ثابت ٿيندو.

ميپ ذريعي اهو ثابت ٿئي ٿو ته دماغي گرمي پد، عمر، جنس، مختلف دماغي حصن ۽ ڏينهن جي وقت جي حساب سان ڪهڙي نموني بدلجندو آهي.

تحقيق ۾ عام خيال کي پڻ چئلينج ڪيو ويو آهي انساني دماغ ۽ جسم جو گرمي پد هڪجهڙو هوندو آهي.

تحقيق لاءِ 20 کان 40 ورهين جي عمر جي 40 صحتمند رضاڪارن جي خدمت حاصل ڪئي وئي وئي هئي.

سندن دماغن کي صبح، منجهند، شام جو اسڪين ڪيو ويو، جڏهن ته کي ٻانهن  هڪ ايڪٽويٽي مانيٽر به ٻپارايو ويو  ته جيئن هر فرد جي جنيياتي ۽ طرز زندگي جو فرق معلوم ڪري سگهجي.

حاصل ٿيل نتيجن موجب صحتمند فردن جو دماغي گرمي پد ايوريج 38.5 سينٽي گريڊ هوندو آهي جنهن ۾ ڏينهن جي مختلف وقتن ۾ تبديلي ايندي آهي.

اهڙي نموني دماغ جي مختلف حصن جو گرمي پد پڻ مختلف هوندو آهي جڏهن ته عمر سان گڏ به گرمي پد بلدجندو آهي.

تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته ڏينهن جو دماغ جو گرمي پد سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته رات جو سڀ کان گهٽ.

عورتن جو دماغ مردن جي ڀيٽ ۾ ايوريج 0.4 سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم هوندو آهي جڏهن ته 20 ورهين جي عمر کانپوءِ دماغي گرمي پد ۾ واڌارو ٿيندو آهي خاص طور گهڻي اونائي ۾ موجود حصن ۾.

محققن موجب عمر وڌڻ سان گڏ دماغ جي پاڻ کي ٿڌو رکڻ واري صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي، جيڪي مختلف دماغي بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پر ان جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.