خيبر پختونخواهه جي بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 16 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهگڙا مالي سال 23-2022 جي 1332 ارب ماليت جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.

خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهگڙا سالياني صوبائي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته خيبر پختونخواهه دهشتگردي جو شڪار صوبو هيو پر هاڻي سيڙپڪاري جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هي اهو ترقي جو سفر آهي، جيڪو خيبرپختونخواهه پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڪيو آهي.

تيمور سليم جهگڙا ٻڌايو ته ايندڙ مالي سالي لاءِ صوبي جي بجيٽ هڪ هزار 332 ارب رپيا رکيا ويا آهي، بندوبستي ضلعن جي خرچن جو ڪاٿو 1109 ارب رپيا لڳايو آهي، جڏهن ته ضم ٿيل ضلعن جو خرچ 223 ارب هوندو.

هن ٻڌايو ته وفاق جي ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 570 ارب 90 ڪروڙ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته وفاق کان آئل ۽ گيس رائلٽي جي مد ۾ 31 ارب رپيا ملندا، بجلي جي خالص منافعي ۽ رهتن جي مد ۾ 61 ارب 90 ڪروڙ ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته قبائلي ضلعن لاءِ 208 ارب رپين جي گرانٽ ملڻ جي اميد آهي.

صوبائي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ 68 ارب 60 ڪروڙ رپيا ملندا، جڏهن ته صوبائي ٽيڪسن جي مد ۾ 85 ارب رپيا وصول ٿيندا، ان کانسواءِ 93 ارب رپين جي پرڏيهي امداد به بجيٽ ۾ شامل آهي، ٻين اوڳاڙين جو ڪاٿو 212 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.

هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 16 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون، بجيٽ ۾ عورتن لاءِ 447 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پينشن لاءِ 107 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته پينشن پروگرام ختم نه ڪري رهيا آهيون پر پينشن فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون، في الحال پينشن فنڊ ۾ نون ملازمن کي شامل ڪري رهيا آهيون، اسڪيم جو نالو ڪنٽري بيوٽري پنشن اسڪيم هوندو، نون ڀرتي سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگھارن جو 10 سيڪڙو اسڪيم ۾ شامل هوندو.

صوبائي وزير  ٻڌايو ته 50 هزار پگھار وارن نون ملازمن جي پينشن فنڊ ۾ 10 سيڪڙو رقم يعني 5 هزار جمع ٿيندا، حڪومت ان مقابلي ۾ 12 سيڪڙو رقم يعني 6 هزار رپيا جمع ڪندي، 50 هزار ڪمائڻ واري ملازم جي پينشن فنڊ ۾ هر مهيني 11 هزار رپيا جمع ٿيندا، يعني هر مهيني پينشن فنڊ ۾ ملازم جا جمع 11 هزار رپيا انويسٽ ٿيندا.

ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته پهرئين سال پينشن ڪنٽري بيوشن فنڊ ۾ 11 کان 12 ارب رپيا ايندا، 6 سالن ۾ پينشن فنڊ 100 ارب رپيا بڻجي ويندو، پينشن فنڊن سان انويسٽ ڪيل رقم مان صوبي جي معيشت کي ترقي ٿيندي.

تيمور سليم جهگڙا وڌيڪ ٻڌايو ته سرڪاري ملازمن لاءِ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس بجيٽ ۾ شامل آهي ۽ اهو ڊي آر اي کانسواءِ آهي.

هن ٻڌايو ته پوليس شهيدن جي پيڪيج کي وڌايو ويو آهي، گريڊ 6 کان 16 تائين پوليس جي شهيدن جي پيڪيج کي واڌيو ويو آهي، جڏهن ته گريڊ 7 کان 16 تائين جي پوليس اهلڪارن جي رسڪ الائونس ۾ ڊي آر اي جي برابر واڌ ڪئي وئي آهي.

صوبائي وزير چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ صحت جي بجيٽ ۾ 55 اربن جي واڌ ڪئي وئي آهي، صحت ڪارڊ پلس ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ به او پي ڊي جي سهولت هوندي.

هن ٻڌايو  ته گذريل سال 8 لک ماڻهن صحت ڪارڊ ذريعي علاج ڪرايو، هن سال صحت ڪارڊ جي بجيٽ 25 ارب رپيا رکي وئي آهي ۽ جگر جي پيوندڪاري سوڌو وڌيڪ 5 بيمارين جو علاج صحت ڪارڊ ۾ شامل ڪري رهيا آهيون، ان کانسواءِ بجيٽ ۾ 10 ارب رپيا مفت دوائن جي فراهمي لاءِ رکيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.