گينگ ريپ جو نشانو بڻيل عورت کي ريلوي ۾ نوڪري ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي ڪراچي ويندڙ نجي ٽرين بهاءُالدين ذڪريا ايڪسپريس جي عملي جي ميمبرن طرفان ڏاڍائي جو نشانو بڻيل 25 ورهين جي عورت کي ملازمت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان ريلوي عورت کي معاوضو ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق عورت سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس خاطري ڪرائي ته کاتو ساڻس سهڪار ڪندو.

ريلوي ترجمان موجب عورت لاءِ نوڪري جو بندوبست به ڪنداسين ۽ اسان سندس ڪيس جي پروي ڪري رهيا آهيون، ان کانسواءِ سندس مالي مدد به ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.