عمران خان باغي ميمبرن خلاف ريفرنس خارج ٿيڻ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پنهنجي ڦريل قومي اسيمبلي ميمبرن خلاف ريفرنسز خارج ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئليج ڪري ڇڏيو.

پارٽي چيئرمين عمران خان جي وڪيل فيصل فريد چوڌري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جو ريفرنس خارج ڪرڻ جو فيصلو فوري طور ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 11 مئي 2022 تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ڦريل ميمبرن خلاف ريفرنسز کي خارج ڪري ڇڏيو هو.

پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ڦريل ميمبرن خلاف ريفرنس خارج ڪرڻ وارو فيصلو غير آئيني قرار ڏنو وڃي، اليڪشن ڪميشن آڏو سمورا ثبوت موجود هئا، پوءِ به شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي ريفرنسز خارج ٿيا، اليڪشن ڪميشن کي جمهوريت جي بقا لاءِ هارس ٽريڊنگ ۽ فلور ڪراسنگ خلاف فيصلو ڏيڻ گھرجي ها.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي ڌر بڻايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.