حڪومت جو هزارين سرڪاري بينڪ اڪائونٽس بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هزارين غيرفعال سرڪاري بينڪ اڪائونٽس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان ناڻي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسٽيٽ بينڪ ذريعي سمورين ڪمرشل بينڪن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته زيرو بينڪ بيلينس وارا هزارين سرڪاري غيرفعال اڪائونٽس موجود آهن.

نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت ڪيش مينيجمينٽ اينڊ ٽريزري سنگل اڪائونٽ پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، نئين پاليسي تحت سمورا سرڪاري فنڊز سنگل اڪائونٽ ۾ جمع ڪرا پيا وڃن.

ناڻي وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب فيڊرل ڪنساليڊيٽڊ فنڊ کانسواءِ ڪنهن ٻيئ اڪائونٽ ۾ فنڊ رکڻ تي بندش آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.