ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ تندور مالڪن چپاتي، نان، شيرمال ۽ تافتان سميت ٻين قسمن جي مانين جي قيمتن ۾ ٻن رپين کان 15 رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
سروي موجب 10 رپين واري چپاتي 15 رپين ۾، 15 رپين وارو نان 20 رپين جو ٿي ويو آهي ۽ کير وارو نان 35 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
شيرمال ۽ تافتان جا نوان ريٽ 45 يا 50 مان وڌائي 60 رپيا ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ وزن ۽ سٺي معيار وارا شيرمال ۽ نان 70 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.