سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير جي ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي طرفان ڪراچي وارن کي خوشي جي خبر ڏني وئي آهي.

ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ترڪي جي ڪمپني کي ڪراچي ۾ يورپي معيار جون اليڪٽرڪ بسون هلائڻ ۽ ڌاٻيجي فري اڪنامڪ زون ۾ مينوفيڪچرنگ پلانٽ هڻڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

شرجيل ميمڻ ترڪ ڪمپني البيارڪ جي ڊائريڪٽر جميل شن اوجاڪ سان ملاقات ڪئي.

شرجيل ميمڻ کيس چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن شهر آهي جتي بزنس جا بهترين موقعا موجود آهن.

هن چيو ته ڪراچي ۾ ريڊ لائن، اورنج لائين، پيپلز بس سروس ۽ ييلو لائن تحت بي آر ٽي سسٽم جي منصوبابندي ڪئي آهي.

صوبائي وزير ترڪ ڪمپني جي ڊائريڪتر کي ڌاٻيجي فري اڪنامڪ زون ۾ مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني

هن چيو ته سنڌ حڪومت ترڪ ڪمپني سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سميت ٻين آپشنز تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ترڪ ڪمپني جي ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس فخر آهي ۽ هو ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.