سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين قانون ۾ ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نئون قانون تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي اسيمبلي جي منظوري کانپوءِ لاڳو ڪيو ويندو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون قانون عدالت جي حڪمن جي روشني موجب ڪيو ويو آهي جنهن جي بحالي سان ڪميشنڊ آفيسرن جي ملازمتن جا در کلي ويندا.

ذريعن موجب ڪميشن ۾ پهريون ڀيرو عورتن ۽ اقليتن کي به نمائندگي ڏني ويندي جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين سي ايم جي ايڊوائيس تي گورنر مقرر ڪندو.

ان کانسواءِ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جو مدو چار سال هوندو جڏهن ته ڪميشن لاءِ نئين قانون جو نالو ايس پي ايس سي ايڪٽ 2022 هوندو.

ڪميشن جا اڌ ميمبرز بيوروڪريٽ ۽ ٻيا پرائيويٽ سيڪٽر مان هوندا، نئين قانون سان پراڻن ڪميشن جي فيصلن کي تحفظ فراهم ٿيندو.

ان کانسواءِ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن لاءِ حلف کڻڻ لازمي هوندو ۽ چيف سيڪريٽري غلط ڪم ڪندڙن کي طلب ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.