گرمي جي ستايل ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، موسميات کاتي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمي جي ستايل ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري اچي وئي، موسميات کاتي شهر ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ ڪراچي سردار سرفراز اڳڪٿي ڪئي آهي ته شهر ۾ 22 ۽ 23 جون جي وچ ۾ چوماسي جي شروعاتي هلڪي کان وچولي برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هلندڙ مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو باقاعدي طور شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

هن چيو ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ ڪٿي 10 کان 20 سيڪڙو، جڏهن ته ڪٿي 20 کان 30 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پئجي سگهن ٿيون.

هوڏانهن موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ کنوڻ سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي پر سنڌ جي ٻهراڙي وارن ٻين ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.

ايندڙ ٽن ڏينهن دوران شهر ۾ موسم گرم رهڻ، آسمان جهڙالو رهڻ سبب ڪڻ ڪڻ جو امڪان آهي، ان دوران سامونڊي هوائون مڪمل طور تي بحال رهي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري جي وچ ۾ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، سومر تي شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 35.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته هوا ۾ گهم جي شرح 56 سيڪڙو رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.