جاني ڊيپ عمران خان جي اڳوڻي گهرواريءَ جو مشورو مڃي ورتو

بالي ووڊ اداڪارا جاني ڊيپ برطانوي هدايتڪار ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خا جي پهرين گهرواري جمائمه گولڊ اسمٿ طرفان ڪيس کٽڻ کانپوءِ اڳوڻي گهرواري کان پئسا نه وٺڻ وارو مشورو مڃي ورتو آهي.

پر ڏيهي خابرو اداري موجب جاني ڊيپ طرفان فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هو اڳوڻي گهرواري، ايبر هرڊ کان ساک کي ڇيهو رسائڻ وارو ڪيس ۾ ڏنڊ جي رقم 10.35 ملين آمريڪي ڊالر نه وٺندو.

جاني ڊيپ جي وڪيل بينجمن چيو، ميڊيا کي ٻڌايو ته جاني ڊيپ ان فيصلي تي سنجيدگي سان سوچي رهيو آهي.

اداڪار جي وڪيل موجب جاني ڊيپ جو ڪيس بابت چيو آهي ته کيس پئسن سان ڪو به لهڻو ليکو ناهي، هي ڪيس سئو سيڪڙو سندس عزت ۽ وقار جي بحالي بابت هو.

واضح رهي ته هلندڙ مهيني پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ اسمٿ ساک متاثر ڪرڻ وارو ڪيس کٽڻ تي هالي ووڊ سپر اسٽار جاني ڊيپ کي مشورو ڏنو هو  ته اداڪار کي پنهنجي گهرواري جي سمورن نقصانن کي معاف ڪندي هڪ بيان ڏئي ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو مقصد پئسا نه هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.