ڦورن جي ٻارڙن اڳيان ماءُ سان اجتماعي لڄالٽ

 

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه جي علائقي بٽي ڀٽيان ۾ ڦورن ٻارن اڳيان ماءُ کي مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

متاثر عورت جي مڙس طالب حسين جو چوڻ آهي ته 3 ڦورن ٻارن اڳيان گھرواري کي زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس موجب متاثر خاندان مقامي زميندار جي مڇي جي فارم تي ڪم ڪندو آهي، عورت جي مڙس جو ٻڌائڻ آهي ته 3 ڦورن مڇي جي فارم مان ٽرانسفارمر چوري ڪرڻ آيا هئا.

متاثر عورت جي مڙس ٻڌايو ته هڪ ڦورو مون سميت ٻن ماڻهن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو، ٻين ڦورن گھر واري کي ٻارن اڳيان زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ ان جون واليون ۽ ٻيون سامان کڻي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فرانزڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ عورت جو ميڊيڪل ڪرايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.