پي ٽي آءِ سبطين خان کي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ سبطين خان کي مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو.

تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبر سبطين خان کي پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي باضابطا طور تي آگاهه به ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي ڪجهه دير ۾ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪندو.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت پنجاب اسيمبلي ۾ ميان محمود الرشيد کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي پارليماني ليڊر سبطين خان واضح ڪيو هو ته اڃا تائين اپوزيشن ليڊر جي لاءِ نالو فائنل ناهي ٿيو ۽ اپوزيشن ليڊر جو فيصلو عمران خان ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.