پاڪستان آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت کان اڳتي نڪري ويو

ويسٽ انڊيز خلاف ڪلين سوئيپ سان گڏوگڏ پاڪستان آءِ سي سي ون دي رينڪنگ ۾ پڻ ترقي ماڻي ورتي آهي.

آءِ سي سي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

نئين رينڪنگ موجب پاڪستان ٽيم 106 پوئنٽن سان چوٿين نمبر تي اچي وئي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم هڪ پوائنٽ جي فرق سان پنجين پوزيشن تي هلي وئي آهي.

درجابندي ۾ ڪيويز 125 پوائنٽن سان پهرين تي ۽ انگلينڊ 124 پوائنٽن سان ٻئي جڏهن ته آسٽريليا 107 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.

ٻئي پاسي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪيو آهي.

سريلنڪا خلاف ڊيبيو ڪرڻ واري طوبيٰ حسن کي وومينز پليئر جڏهن ته سريلنڪا جي انجيلو ميٿيوز مين پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.