سنڌ جي بجيٽ ۾ ڇا هوندو؟ اهم خبر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مالي سال 23-2022 جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪو واڌو ٽيڪس نه لڳائڻ جو امڪان آهي.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سڀاڻي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو.

ذريعن موجب صوبي جي نئين مالي سال جي بجيٽ جو ڪُل ڪاٿو 1600 ارب رپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي، سالياني ترقياتي اسڪيمن لاءِ 320 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته امن امان جي حوالي سان رکيل رقم ۾ واڌ جي تجويز سامهون رکي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي شره لاءِ 250 وڌيڪ بسن جي خريداري لاءِ رقم  رکي ويندي.

ذريعن موجب سنڌ جي نئين بجيٽ ۾ ڪو واڌو ٽيڪس نه لڳايو ويندو، سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ سائنس ميوزيم قائم ڪرڻ جي به تجويز آهي، سيف سٽي منصوبو ۽ فرانزڪ ليبارٽري لاءِ رقم رکي ويندي.

سنڌ جي بجيٽ ۾ انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رقم ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان سان گڏوگڏ ريڊ لائن ۽ ٻين بي آر ٽي منصوبن لاءِ رقم رکي ويندي.

واضح رهي ته سنڌ ڪابينا سڀاڻي صبح بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.