ذهني دٻاءُ جي شڪار ماڻهن لاءِ خوشخبري، ماهرن وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ذهني دٻاءُ جي شڪار ماڻهو خوراڪ جي درست چونڊ ذريعي اعصابي ڪمزوري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ٿا.

تازي تحقيق جي نتيجن موجب روزاني بنيادن ته خورڪ ۾ تازن ميوون ۽ سبزين جو استعمال ۽ ڪيفين، کنڊ، کير مان تيار ٿيل شيون ۽ گلوٽن کان پرهيز جي نتيجي ۾ ذهني دٻاءُ گهٽائي سگهجي ٿو.

طبي ماهرن موجب هيٺ ڏنل ڪجهه غذائيت سان ڀرپور شين کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪري ذهني دٻاءُ کي گهتائي سگهجي ٿو.

1 ساون پتن وارين سبزين جو استعمال

اهڙا فرد جيڪي ذهني دٻاءُ جو شڪار رهندا آهن کين روزاني بنيادن تي سائي رنگ جي سبزين جو استعمال وڌائڻ گهرجي، ان سبزين سان جسم ۾ قوت مدافعت به وڌندي آهي، ساون پتن وارين سبزين ۾ پالڪ، ڦودنو، ڌاڻا، سلاد وغيرا شامل آهي.

2

اخروٽ جو استعمال

اوميگا 3 فيٽي ايسڊز حاصل ڪرڻ لاءِ اخروٽ هڪ بهترين ذريعو آهي، ڪيئي تحقيقن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اوميگا 3 فيٽي ايسڊ دماغ کي متحرڪ رکڻ ۾ مددگار ۽ ڊپريشن جي نشانين کي گهٽائيندو آهي.

3 ايواڪاڊو

ايواڪاڊو صحتمند سڻڀ سان ڀرپور آهي، جيڪو دماغ کي روزاني بنيادن جا ڪم انجام ڏيڻ ۾ ضروري سمجهو ويندو آهي.هڪ ايوريج ايواڪاڊو ۾ 4 گرام پروٽين پڻ هوندو آهي، جيڪو ٻين ميوون کان وڌيڪ آهي، انکاسواءِ ايواڪاڊو ڪيئي وٽامنز جهڙوڪ ، بي 12، بي 5 بي 6، بي 9، وٽامن سي ۽ وٽامن ايِ12 سان پڻ ڀرپور هوندو آهي جڏهن ته ان ۾ مٺاڻ تمام گهٽ هوندي آهي جنهن ڪري ذهن بهتر ڪم ڪندو آهي.

4 بيريز جو استعمال

بلول بيريز، رس بيريز، اسٽرا بيريز ۽ بليڪ اسٽرابيريز بهترين اينٽي آڪسيڊنٽ آهن جن جي نيرن ۾ استعمال تمام فائديمند آهي.

ان کانسواءِ محققن طرفان مشروم، بصر، ٽماٽي ۽ صوف جو استعمال ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ ڪارائتا قرار ڏنا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.