شوڪت صديقي برطرفي: 14 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، چاهيون ٿا ڪيس جلدي ختم ٿئي: چيف جسٽس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان چاهيون ٿا ڪيس جلد ختم ٿئي، ڇو ته بئنچ ۾ شامل ٻه جج رٽائر ٿي رهيا آهن.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ عدالت عظميٰ جي 5 رڪني لارجر بئنچ اڳوڻي جج طرفان پنهنجي برطرفي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل حامد خان دليل ڏنا.

چيف جسٽس چيو اسان چاهيون ٿا ته اهو ڪيس جلد ختم ٿئي، 14 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، حامد خان صاحب جلد دليل مڪمل ڪيو.

جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته بئنچ ۾ شامل ٻه جج جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ رٽائر ٿي رهيا آهن، ججن جي رٽائرمينٽ کان اڳ ڪيس ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي بار سبب لارجر بئنچ ڏکيائي سان ٺهي ٿي.

حامد خان چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي منجهند 12 وڳي شروع ٿئي ته دليلن لاءِ وڌيڪ وقت ملي ويندو.

چيف جسٽس چيو اسان ته 24 ڪلاڪن سپريم ڪورٽ ۾ ويهڻ لاءِ حاضر آهيون، توهان رات 9 وڳي به چئو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون.

عدالت حامد خان کي اڄ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سڀاڻي اٽارني جنرل جا دليل ٻڌنداسين.

حامد خان دليل ڏيندي چيو ته منهنجي اصيل کي ميڊيا ذريعي جڊيشل ڪائونسل جي رپورٽ جو علم ٿيو، خبر ناهي ڪائونسل رپورٽ وزيراعظم جي ايڊوائس ذريعي صدر کي موڪلي وئي يا نه.

وڪيل چيو ته ڪائونسل رپورٽ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس انور ڪانسي جي موقف تي ڀاڙيو، جيتوڻيڪ جڊيشل ڪائونسل کي ٻن الڳ الڳ موقفن تي انڪوائري ڪرڻ گهرجي ها.

حامد خان چيو ته منهنجي اصيل خلاف شاهد بڻجڻ تي انور ڪانسي خلاف ريفرنس ڊراپ ڪيو ويو ۽ شوڪت عزيز صديقي خلاف 3 ريفرنسز جي ڪارروائي روڪي چوٿون ريفرنس هلايو ويو.

چيف جسٽس، حامد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجون گذارشون ٻڌايو ڪيس جون حقيقتون رڪارڊ تي آهن.

حامد خان جو چوڻ هو ته ريفرنس جي الزامن تي انڪوائري ضروري هئي.

چيف جسٽس چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي رپورٽ خلاف آئيني درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي.

حامد خان موقف اختيار ڪيو ته منهنجي اصيل کي ٻڌو ئي نه ويو.

چيف جسٽس چيو ته توهان جا اهي سمورا دليل نوٽ ڪري ورتا آهن، ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي مڪمل ڪنداسين، اٽارني جنرل کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻو آهي، ان کي به ٻڌڻ چاهينداسين.

چيف جسٽس حامد خان کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وڌيڪ ڪيترو وقت وٺندئو؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته سڀاڻي هڪ ڪلاڪ  ۾ دليل مڪمل ڪندس.

پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي منجهند ساڍي 12هين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.