نيپرا بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد) ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 3 رُپيا 99 پئسا واڌ جي منظوري ڇڏي آهي.

نيپرا جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اپريل مهيني جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي، نوان اگهه جون مهيني جي بلز تي لاڳو ٿيندا.

پرائس ايڊجمسٽمنٽ لائف لائين واهپيدارن کانسواءِ ڊسڪور جي سمورن واهپيدارن تي لاڳو ٿيندا.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سي پي پي اي جي بجلي اگهن ۾ رُپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.