ڀارت ۾ گستاخ بيانن تي احتجاج ڪندڙ مسلمانن جا گهر پٽ

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ انتهاپسندي خلاف مسلمانن جو آواز دٻائڻ لاءِ مودي حڪومت نوان حربا هلائن شروع ڪري ڇڏيا. گستاخاڻن بيانن خلاف احتجاج ڪندڙ مسلمانن جي گهرن کي ڊاهڻ شروع ڪيو ويو آهي.  الهه آباد ۾ مسلمان سماجي ڪارڪن جاويد احمد کي مظاهرن جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏئي گهرڀاتين سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس گهر به پٽ ڪيو ويو. ڀارت جي ٻين شهرن ۾ به مسلمانن جي گهرن کي ڊاٺو پيو وڃي. يو پي جي وڏي وزير يوگي آديتيا ناٿ   چيو ته شرپسندن خلاف ڪارروائي ائين ٿيڻ گهرجي جو سڀني لاءِ مثال بڻجي وڃي. ڀارت ۾ گستاخ بيانن خلاف احتجاج ڪندڙ 237 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.